جهنگلو (راڳ)

جهنگلو (راڳ): هيءُ راڳ سنڌ ۾ عرب دؤر جي عربي ۽ ايراني موسيقيءَ جي خاص راڳن مان آهي. جيڪو پهرين سنڌ ۾ گهڻو مشهور ٿيو، پوءِ سنڌ کان هند جي راڳن ۾ شامل ٿيو ۽ هندستاني موسيقيءَ جو جز بڻيو. هن جو پهريون شعبو ’چهارگاهه‘ آهي، جنهن ۾ چار راڳڻيون آهن. ٻيو شعبو ’غزل‘ آهي، جنهن جون پنج راڳڻيون هونديون آهن، هيءُ راڳ سنڌ ۾ ’جهنگلي‘ ۽ هندستاني راڳ ۾ ’جنگله‘ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ ’ڀيرو‘ ۽ ’آساوري‘ ٺاٺن سان تعلق رکي ٿو. هن ۾ ٻئي ’ڌيوَت‘ لڳن ٿا. خالص سنڌي جهنگلي جون ٻه مخصوص ’لَيُون‘ آهن، جيڪي هڪ ڀيرويءَ سان ٻي تلنگ سان لڳي ٿي. سنڌ جي راڳن ۾ جهنگلو خاص ڪري پير صاحب پاڳاري جي ’جماعتي راڳ‘ ۾ مقبول آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو